سعودي عرب ۾ مڪي ۾ بدر جو علائقو، مسجد الحرام پڻ نظر اچي رهي آهي

سعودي عرب ۾ مڪي ۾ بدر جو علائقو، مسجد الحرام پڻ نظر اچي رهي آهي

بدر جي جنگ

بدر جي جنگ: بدر جي جنگ مسلمانن ۽ مڪي جي ڪافرن وچ ۾ سال 2 هجريءَ/ جولاءِ 623ع ۾ وڙهي وئي. ”بدر“ نالي سان مديني کان اسي ميل پري، شام ملڪ ڏانهن ويندڙ رستي وٽ هڪ ڳوٺ آهي، جتي هيءَ جنگ لڳي، جنهنڪري ان تي ”بدر جي جنگ“ يا ”غزوه بدر“ نالو پيو. پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي مڪي کان مديني هجرت ڪري اچڻ کان پوءِ مڪي جي ڪافرن پڪو پهه ڪيو ته مسلمانن تي حملو ڪجي؛ ان ڪري هو هڪ هزار لشڪر تيار ڪري، مديني تي ڪاهي ويا. حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن به 313 مسلمانن جو لشڪر تيار ڪري نڪتا. هن لشڪر وٽ نه هٿيار هئا ۽ نه هاٿي ۽ نه گهوڙا. بدر جي هنڌ لڙائي لڳي. ڪافرن کي سخت شڪست آئي. ڪي مارجي ويا، ڪي ڀڄي ويا ۽ ڪن پناهه ورتي ۽ خاص ڪري ڪافرن جا سالار، عتبه، ابوجهل ۽ اميه بن خلف مارجي ويا.

لفظ بدر جي جنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

0002.00.00  هجري

بدر جي جنگ: بدر جي جنگ مسلمانن ۽ مڪي جي ڪافرن وچ ۾ سال 2 هجريءَ/ جولاءِ 623ع ۾ وڙهي وئي . ” بدر “ نالي سان مديني کان اسي ميل پري ، شام ملڪ ڏانهن ويندڙ رستي وٽ هڪ ڳوٺ آهي ، جتي هيءَ جنگ لڳي ، جنهنڪري ان تي ” بدر جي جنگ “ يا ” غزوه بدر “ نالو پيو

0623.00.00  عيسوي

جنگيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دائودپوٽن جي جنگ
بهاولپور جي نوابن ۽ ٽالپر اميرن جون جنگيون
رند ۽ لاشار جي جنگ
جنگ جمل
امرڪس جي جنگ
احد جي جنگ
ٽئنڪ
پهرين عالمي جنگ
روهڙيءَ جي لڙائي
دٻلي ٻيٽ جي جنگ
جنگيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون